اسلام آباد – 23 – ف??بر??ري (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر مريم نواز شريف خميس ڏينهن ٻن ڏينهن جي دوري تي سرگوڌا پهچندي جتي هوءَ تنظيمي ڪنوينشن کي خط??ب ڪندي. پنهنجي بي??ن ۾ هن چيو ته مريم نواز شريف سڀاڻي 24 ف??بر??ري تي سرگوڌا ۾ تنظيمي اجلاس جي صدارت ڪندي. اجلاس ۾ پارٽي جا مقامي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. مريم نواز سوشل ميڊيا، عورتن ۽ يوٿ ونگ جي عهديدارن سان به ملاقاتون ڪندي. واضح رهي ته مريم نواز پهرين ف??بر??ري کان تنظيمي دورن جي شروعات ڪئي آهي. هوءَ بهاولپور، ملتان، ايبٽ آباد، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ڊويزن جا دورا ڪري چڪي آهي.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر