اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 48 (5) موجب قومي ??سي??بلي جي لاءِ عام چونڊون قومي ??سي??بلي جي تحليل جي تاريخ جي 89 هين ڏينهن يعني سومر 6 نومبر 2023ع تي ٿيڻ گهرجن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيف ال??ڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي نالي خط ۾ چيو آهي ته صدر 9 آگسٽ تي وزيراعظم جي مشوري تي قومي ??سي??بلي کي تحليل ڪيو، آئين جي آرٽيڪل 48 (5) تحت صدر جو اختيار آهي ته قومي ??سي??بلي جون عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ، تحليل جي تاريخ کان 90 ڏينهن جي ان??ر جي تاريخ مقرر ڪري. هن چيو ته آرٽيڪل 48 (5) موجب قومي ??سي??بلي جي لاءِ عام چونڊون قومي ??سي??بلي جي تحليل جي تاريخ جي 89 هين ڏينهن يعني سومر 6 نومبر 2023ع تي ٿيڻ گهرجن. صدر چيو ته آئيني ذميواري پوري ڪرڻ جي لاءِ چيف ال??ڪشن ڪمشنر کي ملاقات جي لاءِ گهرايو ويو ته جيئن آئين ۽ ان جي حڪم کي لاڳو ڪرڻ جو طريقو جوڙي سگهجي، چيف ال??ڪشن ڪمشنر جواب ۾ ابتڙ موقف اختيار ڪيو ته آئين جي اسڪيم ۽ فريم ورڪ موجب اهو ال??ڪشن ڪميشن جو اختيار آهي. صدر پنهنجي خط ۾ وڌيڪ چيو آهي ته آگسٽ ۾ آدمشما??ي جي اشاعت کانپوءِ تڪبندين جو عمل پڻ جاري آهي ۽ آئين جي آرٽيڪل 51 (5) ۽ ال??ڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 17 تحت اها هڪ لازمي شرط آهي. هن چيو ته قانون ۽ ان??اف واري وزارت به ال??ڪشن ڪميشن آف پاڪستان جهڙي راءِ رکي ٿي، چئني صوبائي حڪومتن جو خيال آهي ته چونڊن جي تاريخ جو اعلان ال??ڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو مينڊيٽ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وفاق کي مضبوط بڻائڻ، صوبن جي وچ ۾ اتحاد ۽ هم آهنگي جي فروغ ۽ غيرضروري خرچن کان بچڻ جي لاءِ قومي ??سي??بلي ۽ صوبائي ??سي??بلين جون عام چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ تي اتفاق آهي. صدر چيو ته ال??ڪشن ڪميشن ذميوار آهي ته اها آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ آرٽيڪل 51، 218، 219، 220 ۽ ال??ڪشنز ايڪٽ 2017ع تحت طئي ٿيل سمورن آئيني ۽ قانوني قدمن جي پابندي ڪري. صدر چيو ته سمورن نقطن کي نظر ۾ رکندي ال??ڪشن ڪميشن آئين جي لاڳاپيل شقن تحت صوبائي حڪومتن ۽ سياسي پارٽين سان مشاورت ۽ ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي ته ڪجهه معاملا اڳ ۾ ئي ٻڌڻي هيٺ آهن، قومي ۽ صوبائي ??سي??بلين ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ اعليٰ عدليه کان رهنمائي حاصل ڪري.
آئين جي آرٽيڪل 48 (5) موجب قومي اسيمبلي جي لاءِ عام چونڊون قومي اسيمبلي جي تحليل جي تاريخ جي 89 هين ڏينهن يعني سومر 6 نومبر 2023ع تي ٿيڻ گهرجن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا