اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاڳاپيل عملدارن کي معاشري ۾ مالي پاڻڀرائپ جي فروغ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ بي آءِ ايس پي جي ڊيٽابيس کي ٽارگيٽڊ سبسڊيز جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بينيفشريز جي لاءِ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب فني تربيت جي فراهمي سان اهل ماڻهو پنهنجي پيرن تي بيهي سگهندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي حوالي سان هڪ جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن ڊاڪٽر امجد ثاقب، غربت ??ي خاتمي واري وزارت جي سيڪريٽري يوسف خان ۽ ٻين سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نگرا?? وزيراعظم کي پروگرام جي هيستائين جي نتيجن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي بابت ٻڌايو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان پوري ملڪ ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ خاندانن جا 6 ڪروڙ ماڻهو فائدو کڻي رهيا آهن جڏهن ته هن سال پروگرام جي ڪل بجيٽ 471 ارب رپيا آهي. نگرا?? وزيراعظم بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحق خاندانن جي معاونت تي پروگرام جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. نگرا?? وزيراعظم چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا نتيجا انتهائي خوش آئنده آهي پر پاڪستان جو پائيدار مستقبل ماڻهن جي مالي پاڻڀرائپ سان واڳيل آهي. ان حوالي سان نگرا?? وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي معاشري ۾ مالي پاڻڀرائپ کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. نگرا?? وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو هڪ بهترين ڊيٽابيس آهي جنهن کي ٽارگيٽيڊ سبسڊيز جي لاءِ استعمال ۾ آند?? وڃي. نگرا?? وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي پاڪستان حڪومت ۽ مقامي انسان دوست تنظيمن جي وچ ۾ حصيداري جي حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگرا?? وزيراعظم چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بينيفشريز جي لاءِ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب فني تربيت جي فراهمي سان اهل ماڻهو پنهنجي پيرن تي بيهي سگهندا. نگرا?? وزيراعظم چيو ته وڏا ڪاروباري ادارا ۽ سرندي وارا ماڻهو ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبليٽي تحت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا حصيدار بڻجن. نگرا?? وزيراعظم هدايت ڪئي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مقامي خيراتي ۽ فلاحي تنظيمن سان پارٽنرشپ ڪري. نگرا?? وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان رياست ڪمزور طبقن جي هر ممڪن مدد ڪندي ته جيئن اهي هڪ پراميد زندگي گذاري سگهن.
نگران وزيراعظم پاران لاڳاپيل عملدارن کي معاشري ۾ مالي پاڻڀرائپ جي فروغ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ بي آءِ ايس پي جي ڊيٽابيس کي ٽارگيٽڊ سبسڊيز جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر