اسلام آباد- 02 نومبر (اي پي پي) ناڻي، محصولن ۽ اقتصادي معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو آهي ته گڏيل قومن جي هزاريه ترقياتي ??دفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي برادري طرفان جامع قدمن جي ضرورت آهي. اها ڳالهه ناڻي واري وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر گڏيل قومن جي اداري يو اين سي ٽي اي ڊي جي انتظام هيٺ جنيوا ۾ منعقد ڪانفرنس کي پنهنجي ورچوئل خطاب ۾ چئي. ڪانفرنس جو موضوع ڊولپمينٽ فنانس فار 2030ع ايجنڊا: ماحولياتي طور تي ??حفوظ صنعتڪاري هو. پنهنجي اهم خطاب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته هزاريه ترقياتي ??دفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پا??ست??ن هڪ ڀرپور ۽ پرجوش منصوبو جوڙيو آهي جنهن تحت ماحول کي نقصان پهچا??ين??ڙ گئسن جي اخراج ۾ 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي اچي ويندي. هن چيو ته ماحولياتي ??حاظ کان موزون صنعتڪاري لاءِ اسٽيٽ بئنڪ ۽ سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پا??ست??ن رهنما اصول به جاري ڪيا آهن. هن اسرندڙ ملڪن ۾ قرضن بابت مشڪلاتن جي خاتمي ۽ هزاريه ترقياتي ??دفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جامع عالمي ڪوششن جي ضرورت تي ??ڻ زور ڀريو.
هزاريه ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي برادري طرفان جامع قدمن جي ضرورت آهي: ڊاڪٽر شمشاد اختر
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات