اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي معاشي صورتحال بهتر بڻائڻ جي لاءِ روانگي واپار وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، پاڪستان غيرملڪي ڪمپنين سان گڏيل طور تي لاڀائتي ڪاروباري حصيداري چا??ي ٿو. هو ايوان صدر ۾ لوڻ ۽ معدنيات جي شعبي جي آمريڪي ڪمپني جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. وفد صدر کي ل??ڻ جي کاڻين، پراسيسنگ ۽ مارڪيٽنگ ۾ ڪمپني جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان مختلف شعبن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۽ جوائنٽ وينچرز جي فروغ جو خواهشمند آهي، پاڪستاني ل??ڻ جي بهتر پ??اسيسنگ، پئڪيجنگ ۽ مارڪيٽنگ سان قدر ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. پاڪستاني ل??ڻ اعليٰ معيار ۽ انتهائي گهٽ سيڙپڪاري سان حاصل ڪيو وڃي ٿو. حڪومت سيڙپڪارن کي سهولت پهچائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. عالمي سطح تي پاڪستاني ل??ڻ جي گهرج ۾ اضافي جي لاءِ اعليٰ معيار جي ل??ڻ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻو پوندو. صدر ميريڪل سالٽ ورڪس ڪمپني کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي ساراهيو. صدر ميريڪل سالٽ ورڪس ۽ پاڪستان منرل ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن جي وچ ۾ معاهدي تي صحيحن کي به خوش آئنده قرار ڏنو. وفد صدر کي پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ ۾ پاڪستان جي ل??ڻ جي کاڻين جي صلاحيت بابت ٻڌايو ته معياري ۽ منرل سان ڀرپور راڪ سالٽ سڄي دنيا ۾ رڳو پاڪستان ۾ هوندو آهي. پاڪستاني ل??ڻ گهٽ قيمت ۽ اعليٰ معيار وارو آهي. وفد ٻڌايو ته پاڪستان دنيا ۾ لوڻ جي وڏي مارڪيٽ مان فائدو کڻي سگهي ٿو. معدنياتي شين جي لحاظ کان پاڪستاني ل??ڻ جو معيار سڄي دنيا ۾ سڀ کان بهترين آهي. ذميواراڻي کاڻين جي کوٽائي، بهتر پ??اسيسنگ ۽ مارڪيٽنگ سان پاڪستان جي ل??ڻ جي قدر ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. وفد ٻڌايو ته ميريڪل سالٽ ورڪس ڪليڪٽو پاڪستان ۾ لوڻ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪندو. ڪمپني پاڪستاني ل??ڻ جي اعليٰ معيار جي ٽيڪنالاجي جي مدد سان کاڻين جي کوٽائي ۽ پراسيسنگ ڪندو. اعليٰ معيار واري ٽيڪنالاجي سان کاڻين جي کوٽائي ۽ پراسيسنگ دوران لوڻ جي ضايع ٿيڻ کي گهٽ ڪري سگهبو. ملاقات ۾ صدر ماحول دوست ۽ ذميواراڻي کاڻين جي کوٽائي جي فروغ تي پڻ زور ڏنو.
پاڪستان پنهنجي معاشي صورتحال بهتر بڻائڻ جي لاءِ روانگي واپار وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز