اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيڪس نه ڏيندڙن ۽ ٽيڪس چورن جي خلاف هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪندي ٽر??ڪ اينڊ ٽر??س سسٽم جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن جي نشاندهي ۽ ذميوارن جي تعين جي لاءِ انڪوائري ڪميٽي قائم ڪرڻ، تماڪو، کنڊ، سيمنٽ ۽ ڀاڻ سميت اهم شعبن ۾ ٽر??ڪ اينڊ ٽر??س سسٽم لڳائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٽر??ڪ اينڊ ٽر??س سسٽم جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد اورنگزيب، احد خان چيما، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، ايف بي آر چيئرمين ملڪ امجد زبير ٽوانه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ٽر??ڪ اينڊ ٽر??س سسٽم جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن جي نشاندهي ۽ ذميوارن جي تعين جي لاءِ انڪوائري ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، انڪوائري ڪميٽي ايندڙ ست ڏينهن ۾ ٽر??ڪ اينڊ ٽر??س سسٽم جي مڪمل فعال ٿيڻ جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ ٽيڪس چوري ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي ڪندي. وزيراعظم چيو ته ڪميٽي ڪارخانن ۾ ٽيڪس جي خودڪار نظام لاڳو ڪرڻ جي لاءِ اڳتي جي حڪمت عملي تي تجويزون پڻ ڏيندي. وزيراعظم پڇيو ته ٽر??ڪ اينڊ ٽر??س سسٽم مڪمل طور تي فعال ڇو نه ٿي سگهيو؟، تماڪو، کنڊ، سيمنٽ ۽ ڀاڻ جي صنعت ۾ گذريل ٻن سالن ۾ ٽر??ڪ اينڊ ٽر??س سسٽم کي مڪمل بحال ٿيڻ گهرجي ها. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن چئن وڏن شعبن کانسواءِ باقي اهم شعبن ۾ پڻ ٽر??ڪ اينڊ ٽر??س سسٽم لڳايو وڃي، ٽر??ڪ اينڊ ٽر??س سسٽم لاڳو ٿيڻ ۾ ايندڙ سمورين قانوني ??ڪاوٽن کي خ??م ڪيو وڃي، سيمنٽ جي ڪارخانن جي سمورين پروڊڪشن لائينز تي سسٽم لاڳو ڪرڻ کي يقيني ??ڻايو وڃي. وزيراعظم ٽر??ڪ اينڊ ٽر??س سسٽم جي خودڪار نظام ۽ ڊيجيٽل اسٽريٽجي لاڳو ڪرڻ جي ٺوس حڪمت عملي طلب ڪندي چيو ته اهڙا سمورا ڪارخانا جيڪي ٽر??ڪ اينڊ ٽر??س سسٽم لڳائڻ کان انڪاري هجن انهن کي فوري طور تي سيل ڪيو وڃي، اوڳاڙين سان گڏوگڏ ٽر??ڪ اينڊ ٽر??س سسٽم کي جعلسازي ۽ غيرمعياري مصنوعات جي روڪٿام لاءِ پڻ استعمال ۾ آندو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته جعلي ۽ غير رجسٽرڊ سگريٽ جي وڪري جي خ??تمي ۽ انهن کي ضبط ڪري تلف ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ملڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهي ۽ مافياز ملي ڀڳت سان قومي خ??اني کي نقصان پهچائي رهيا آهن. هن هدايت ڪئي ته ٽر??ڪ اينڊ ٽر??س سسٽم جي لاءِ عالمي شهرت يافته ادارن جون خدمتون ورتيون وڃن. اجلاس کي کنڊ، سيمنٽ، ڀاڻ ۽ تماڪو جي شعبي ۾ خودڪار ٽيڪس نظام جي موجوده صورتحال ۽ ان کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تماڪو جي 14 وڏن ڪارخانن ۾ ٽر??ڪ اينڊ ٽر??س سسٽم مڪمل طور تي فعال آهي جڏهن ته 12 ڪارخانن کي سسٽم نه ل??ائڻ جي ڪري سيل ڪيو ويو آهي، ڀاڻ جي سمورين صنعتن ۾ پڻ ٽر??ڪ اينڊ ٽر??س سسٽم مڪمل طور تي فعال آهي. وڌيڪ اهو ته کنڊ ۽ سيمنٽ جي ڪارخانن ۾ سسٽم هڻڻ ۾ فني ??ڪاوٽون درپيش آهن جن کي خ??م ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ گودامن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان ڏس ۾ ايف بي آر جي معاونت ڪن.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ٽيڪس نه ڏيندڙن ۽ ٽيڪس چورن جي خلاف هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ