اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي سرڪاري دوري تي ڪ??ئيٽا پهچي ويو. ڪوئيٽا ايئرپ??رٽ تي بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل، بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي، صوبائي وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن صدر جو استقبال ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ بلوچستان جو هي پهريون دورو آهي. صدر کي بلوچستان ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي ۽ کيس صوبي ۾ ترقياتي منصوبن ??ي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويندو. صدر جي اعزاز ۾ بلوچستان جو وڏو وزير آجياڻو ڏيندو. صدر بلوچستان جي صوبائي اسيمبلي جي نئين چ??نڊيل ميمبرن سان ملاقات پڻ ڪندو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں