اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مارگلا جي جبلن تي لڳل باهه تي وقت سر ضابطو آڻڻ تي سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ آفيسرن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته باهه سان ٻيلن کي پهچندڙ ??قصان جو تعين ڪري ان جي بحالي جي لاءِ قدم کنيا وڃن، باهه ۾ زخمي ٿيندڙ جهنگلي جيوت کي ويٽرنري ??اڪٽرز هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪ فو??، اين ڊي ايم اي، اسلام آباد انتظاميا ۽ موسمياتي تبديلي واري ??وآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم ۽ موسمياتي تبديلي واري وزارت جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي باهه اُجهائڻ جي لاءِ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، پاڪ فو?? پاران باهه اجهائڻ جي لاءِ هيليڪاپٽرز جي فراهمي تي ٿورائتا آهيون. هن چيو ته باهه اجهائڻ جي آپريشن ۾ وزيراعظم هائوس جا هيليڪاپٽرز، سڪسٿ ايوي ايشن پڻ وزيراعظم جي هدايت تي حصو ورتو. وزيراعظم انهن جي ڪوششن جي پڻ پ??يرائي ڪئي. هن چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان باهه سان ڪو جاني نقصان نه ٿيو، باهه سان ٻيلن کي پهچندڙ ??قصان جو تعين ڪري ان جي بحالي جي لاءِ قدم کنيا وڃن، باهه ۾ زخمي ٿيندڙ جهنگلي جيوت کي ويٽرنري ??اڪٽرز هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪن.
وزيراعظم پاران مارگلا جي جبلن تي لڳل باهه تي وقت سر ضابطو آڻڻ تي سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ آفيسرن جي ڪوششن جي واکاڻ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات