لاهور – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سروس لانگ مارچ ٽائرز گروپ جي چيئرمين جين يانگشينگ لاهور ۾ مل??قات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب مل??قات دوران سروس لانگ مارچ ٽائرز گروپ جي چيئرمين وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته ڪمپني پاڪستان ۾ 300 ارب رپين جي وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ وڃي رهي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سيڙپڪاري جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪاروبا??ي برادري ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي ??ئي وڃي. سروس لانگ مارچ ٽائرز گروپ جي چيئرمين وڌيڪ ٻڌايو ته سيڙپڪاري کانپوءِ 2025ع ۾ ڪمپني پاڪستان مان 100 ملين ڊالر جا ٽائر برآمد ڪري سگهن??ي ۽ ان سيڙپڪاري سان پاڪستان ۾ اٽڪل هڪ هزار روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت جي سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار دوست پاليسين تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن ٽائرز جي اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ حڪومتي قدمن ت?? وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم سروس لانگ مارچ ٽائرز جي پاڪستان ۾ پنهنجي آپريشنز کي سگهه ڏيڻ جي قدم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي اضافي جي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان ۾ ڪاروبا??ي برادري ۽ سيڙپڪارن کي وڌيڪ سهولت ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي ??ئي وڃي. مل??قات ۾ ناڻي وارو وفاق?? وزير محمد اورنگزيب ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاق?? وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ شريڪ هئا.
وزيراعظم سان سروس لانگ مارچ ٽائرز گروپ جي چيئرمين جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena