مظفر آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گ??يل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي ح?? طلب آهي، ڀارت پنهن??ي نام نهاد قانونسازي ۽ عدالتي فيصلن جي آڙ ۾ پنهنجي عالمي ذميوارين تان هٿ نٿو کڻي سگهي، پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سف??رت?? سطح تي ح??ايت سدائين جاري رکندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڄمون ۽ ڪشمير جي حريت اڳواڻن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ محمود احمد ساگر، غلام محمد صفي، سيد فيض احمد نقشبندي، الطاف حمد ڀٽ، شهزاد واني، اعجاز رحماني، زاهد اشرف ۽ الطاف حسين واني شامل هئا. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جو وزيراعظم چوڌري انوارالحق ۽ وفاقي وزير پڻ موجود هئا. حريت اڳواڻن آزاد ڪشمير جي تازي صورتحال تي ضابطو آڻڻ جي ح??الي سان وزيراعظم جي ڪردار تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. حريت اڳواڻن ڄمون ۽ ڪشمير جي ح??ثيت جي ح??الي سان ڀارت جي غيرقانوني هڪطرفي قدمن جي توثيق جي مذمت ۽ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا. وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستن ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سف??رت?? سطح تي ح??ايت سدائين جاري رکندو. هن چيو ته گيمبيا ۾ ٿيندڙ او آءِ سي اجلاس ۾ پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جو ڪي?? ڀرپور طريقي سان پيش ڪيو. هن چيو ته ڪشمير جو ڪي?? عالمي سطح تي وڌيڪ بهتر طريقي سان اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پرڏيهي وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز وڌيڪ بهتر طريقي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته پاڪستاني ميڊيا ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀ??رت?? ظلمن جي ح??الي سان دنيا کي آگاهه ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام کي حريت اڳواڻن سان رابطا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسان واضح طور تي ڀ??رت?? غيرقانوني طور تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ح??ثيت بابت ڀارت جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدم کي رد ڪريون ٿا. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي، جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گ??يل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي ح?? طلب آهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي مستقبل جو حتمي فيصلو گ??يل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ڀارت پنهن??ي نام نهاد قانونسازي ۽ عدالتي فيصلن جي آڙ ۾ پنهنجي عالمي ذميوارين تان هٿ نٿو کڻي سگهي.
ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي حل طلب آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر