بشڪيڪ – 22 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪرغز جمهوريه جي پرڏيهي و??ير ڪلوبايف زين بيڪ مولدوڪانووچ سان تفصيلي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي طرفن کان پا??ستان ۽ جمهوريه ڪرغزستان جي وچ ۾ پراڻي دوستاڻي لاڳاپن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ڪرغزستان ۾ پا??ستانين سميت غيرملڪين جي خلاف تشدد جي تازي افسوسناڪ واقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ڪرغز حڪومت پاران بدامني دوران حالتون معمول تي آڻڻ ۽ پا??ستاني شاگردن جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ان جي فوري قدمن تي ٿورا مڃيا. نائب وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته پا??ستانين جي خلاف تشدد جي تازين ڪاررواين جي ذميوارن جو گهيراءُ ڪيو ويندو. ڪرغز پرڏيهي و??ير امن امان جي بحالي جي لاءِ ڪرغز عملدارن پاران کنيل قدمن جي و??احت ڪئي ۽ فسادن ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري، ڪيس هلائڻ ۽ سزا ڏيڻ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نائب وزيراعظم ڪرغز جمهوريه ۾ رهندڙ پا??ستاني شهرين سميت سمورن غيرملڪين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير سان تفصيلي ملاقات
مضمون کا ماخذ : راکی