شينزن – 05 – جون (اي ??ي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن تحت سي پيڪ ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ٿي رهي آهي، شينزن ۾ بزنس ٽو بزنس ملاقاتون ۽ ڪانفرنس پاڪستان جي معيشت جي اس??حڪ??م ۽ ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪنديون. اها ڳالهه هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته وزيراعظم شهباز شريف سي پيڪ جي ا??در هڪ نئين جدت کڻي آيو آهي. هن چ??و ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهن جيڪو پاڪستاني معيشت جي لاءِ اهم سنگ ميل آهي. هن چ??و ته شينزن ۾ بزنس ٽو بزنس ڪانفرنس ۾ 500 کان وڌيڪ پاڪستاني ۽ شينزن جي ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي، بزنس ٽو بزنس ملاقاتون ۽ ڪانفرنس پاڪستان جي معيشت جي اس??حڪ??م ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنديون. هن ٻڌا??و ته هتي موبائيل فون مينوفيڪچرنگ پلانٽ جي اونر سان پڻ ملاقات ٿي آهي، سندس فيڪٽري پاڪستان ۾ ڪم ڪري رهي آهي، اهي پاڪستان مان ايڪسپورٽ ڪندا جڏهن ته اليڪٽرانڪ وهيڪلز جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي. وفاقي وزير چ??و ته وزيراعظم محمد شهباز شريف بيجنگ ۾ چيني قيادت سان پڻ ملاقات ڪندو، انشاءَ الله انهن قدمن سان پاڪستان ترقي ڪندو.
وزيراعظم جي ويزن تحت سي پيڪ ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ٿي رهي آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری