اسلام آباد – 15 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي زمبابوي، تاجڪستان، روانڊا، ارجنٽائن، ميانمار، ڪمبوڊيا ۽ بوٽسوانا جي سفيرن سندون پيش ڪيون ۽ جدا جدا ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ م??جب صدر ان موقعي تي چ??و ته پاڪستان ۾ سي??پڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، دوست ملڪ پاڪستان جي سي??پڪاري دوست ماحول مان فائدو کڻن، غيرملڪي سي??پڪار پاڪستان جي زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبن ۾ سي??پڪاري جا موقعا ڳولين، پاڪستان سمورن دوست ملڪن سان واپار، سي??پڪاري ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. هن چ??و ته پاڪستا?? اقتصادي تعاون وڌائڻ، دوست ملڪن سان واپاري ڪاٿي کي ڀرپور صلاحيت موجب وڌائڻ کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. صدر اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ ڪاروباري بر??درين جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي زور ڏنو. صدر آصف علي زرداري سفيرن کي پاڪستان ۾ بطور سفير مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. هن اميد ظاهر ڪئي ته نامزد سفير گڏيل طور تي لاڀائتي تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. ان کان اڳ سفيرن کي ايوان صدر پهچڻ تي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.
صدر آصف علي زرداري کي زمبابوي، تاجڪستان، روانڊا، ارجنٽائن، ميانمار، ڪمبوڊيا ۽ بوٽسوانا جي سفيرن پاران سندون پيش، ملاقات
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha