اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي)اسلام آب??د، لاهور، ڪراچي ۽ پشاور کا?? پوءِ هاڻي پرڏيهي وزارت گج??ات ۽ ڪوئٽا ۾ به ڪوريئر ڪمپنين ذريعي پوسٽل تصديقي خدمتون فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي، ته ڄاڻايل شهرن ۾ سروس جي شروعات اڄ کان ٿيندي، هن قدم جي هڪ حصي طور نامزد ڪوريئر ڪمپنيون درخواستون ڏيندڙن کان دستاويز جمع ڪري رهيون آهن جنهن کي بعد ۾ پرڏيهي وزارت ما?? تصديق ڪئي ويندي. گج??ات م پوسٽل تصديق لاءِ دستاويز جمع ڪرڻ جي مجاز ڪوريئر ڪمپنين ۾ ٽي سي ايس، ايم اينڊ پي، ليپرڊ ۽ اي سي ايس شامل آهن. اهڙي طرح ڪوئٽا ۾ ٽي سي ايس، گيريز، ايم اينڊ پي، ليپرڊ ۽ اي سي ايس دستاويز جمع ڪنديون. بيان موجب ڪوريئر ڪمپنيون پاور آف ا??ار??ي کان علاوه سمورا دستاويز وصول ڪرڻ جون مجاز آهن.
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری