ڪراچي -23 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پشتون عوام سميت پوري پاڪستان?? قوم کي پشتون ڪلچر ڊي جون مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته ملڪ جي وحدت کي مضبوط بڻائڻ ۾ ثقافتي روايتن کي تحفظ ۽ هٿي و??را??ڻ و??ي اهميت لائق آهي، اڄ جو ثقافتي ڏينهن اسان کي پشتون قوم جي تاريخ، بهادري ۽ ثابت قدمي جي ياد ڏ??ار?? ٿو. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري بيان مطابق بلاول ڀٽو زرداري پشتون ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان کي پشتون روايتن کي عزت ۽ وقار سان ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ گهرجي، پشتون روايتن ۾ مهمان نوازي، وفاداري، ۽ انصاف جو اصول اسان سڀني لاءِ باعث تحريڪ آهي، اسان کي انهن اصولن کي برقرار رکڻ گهرجي ۽ ملڪ ۾ سمورن نسلي گروهن وچ ۾ اتحاد ۽ هم آهنگي کي هٿي و??را??ڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ثقافتي ورثي کي محفوظ رکڻ ۾ نوجوانن جو ڪردار و??ي اهميت رکي ٿو، نوجوان نسل کي پنهنجي ثقافتي سڃاڻپ تي فخر هئڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جا نوجوان پنهنجي ابن ڏاڏن جي ميراث کي اڳيان وڌائين ته جيئن شاندار روايتون ۽ ڀرپور ورثو زنده رهي، پاڪستان جي سمورن ثقافتن جي تحفظ لاءِ يقيني قدم کڻنداسين، اسان کي هڪ ترقي پسند، جمهوريت پسند ۽ پرامن قوم جي تعمير لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻيون پونديون.
بلاول ڀٽو زرداري پاران پشتون سميت پوري قوم کي پشتون ڪلچر ڊي جون مبارڪون
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج