اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ اسپين انجنيئرنگ، هاءِ ويز، اوور هيڊز سميت ٻين شعبن ۾ ٻه ط??في سهڪار ۾ واڌ ڪري سگ??ن ٿا، پاڪستان ٻين ??لڪن جي ڀيٽ ۾ وسيع سيڙپڪاري جي موقعن ۽ وڌيڪ پُرڪشش منافعي جي آڇ ڪندو آهي. وفاقي وزير اسپين جي سينيٽ ميمبرن جي وفد ڪالهه هتي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي اسپين جي سينيٽ افيئرز ڪميٽي جي ميمبرن وفاقي وزير عبدالعليم خان سان گڏيل دلچسپي ۽ ٻين ??عاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفد ۾ اسپين جي سينيٽرن ويڪنٽ ايزپيٽيراٽ، نطاليه اسيرو، انٽونونيوگتريز ۽ لوئيس ڊي لاپينا شامل هئا. وفاقي وزير ملاقات ۾ اسپين ۾ سينيٽ ميمبرن جي چونڊ، ورڪنگ ۽ اداري جي ٻين ??عاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. عبدالعليم خان چيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن به ملڪ جي ڀيٽ ۾ سيڙپڪاريءَ جا وسيع موقعا موجود آهن جڏهن ته هتي منافع جي شرح به ٻين ??لڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته مسئلن باوجود پاڪستان مختلف شين جي وڏي مارڪيٽ ۽ بزنس جو مرڪز بڻجي سگ??ي ٿو. وفاقي وزير سيڙپڪاري وفد کي ٻُڌايو ته اڄ به پاڪستان کي ڪيترن ئي شين ۾ انفراديت حاصل آهي ۽ قومي روا??گي واپار ۾ واڌ جا وسيع امڪان موجود آهن. هسپانوي سينيٽرن وفاقي وزير سان ايندڙ مهيني ايڪسپو ايونٽ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير اسپين جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي آڇ ڪندي چيو ته ان حوالي سان ڀرپور سهڪار ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ اسپين ??چ ۾ بي ٽو بي تحت وڏي پيماني تي ٻه ط??في سرگرمين جي شروعات ٿيڻ گهرجي. عبدالعليم خان چيو ته اسان کي گڏيل واپار ۽ سهڪار جا دروازا کولڻا آهن، ڪيترن ئي شعبن ۾ پاڪ- اسپين ڀائيواري ڪري سگ??جي ٿي. ملاقات دوران پاڪستان ۾ اسپين جي سفي?? پاڪستان ۾ پنهنجي قيام جي حوالي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير عبدالعليم خان کي پنهنجي تاثرن کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستاني چانور، ڪپهه، انبن ۽ ٻين ??يداواري شين جو به ذڪر ڪيو.
پاڪستان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وسيع سيڙپڪاري جي موقعن، وڌيڪ پُرڪشش منافعي جي آڇ ڪندو آهي: عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی