اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان اسرائيلي طرز عمل جي جاچ جي لاءِ گڏيل ??ومن جي خصوصي ڪميٽي جي تازه ترين ??پو??ٽ جي آجيان ڪ??دي چيو آهي ته ??پو??ٽ ۾ غزه ۾ اسرائيل جي جنگي طريقن کي نسل ڪشيءَ جي ڪاررواين جي طور تي بيان ڪ??و ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اها شهرين جي مارجڻ ۽ لکين فلسطينين تي ڄاڻي واڻي مڙهيل سنگين حالتن جي دستاويز آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪ??يٽي پاران گڏيل ??ومن جي فلسطيني پناهگيرن بابت ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي ۽ گڏيل ??ومن جي خلاف جاري مهم ۽ حملن جي مذمت جي آجيان ڪري ٿو. ترجمان چيو ت?? اسان کي گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ گذريل ر??ت جي ووٽنگ جي نتيجي ۽ غزه ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪرڻ واري قرارداد تي اتفاق راءِ تائين پهچڻ ۾ ناڪامي تي افسوس آهي. ترجمان چيو ت?? اسان فوري، غيرمشروط ۽ مستقل جنگبندي جي پنهنجي مطالبي ۽ انساني امداد تائين بنا رڪاوٽ پهچ سميت فلسطيني پناهگيرن جي لاءِ گڏيل ??ومن جي ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا.
پاڪستان پاران اسرائيلي بابت گڏيل قومن جي خصوصي ڪميٽي جي تازه ترين رپورٽ جي آجيان
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل