اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پنجاب – خيبرپختونخوا سرحد تي واقع لاکاڻي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي پوليس کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پوليس هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن جي ناپاڪ ار??دن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي حملو ناڪام بڻائيندڙ پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي شاباش ڏيندي چيو ته پوليس بهادري سان دهشتگردن جي ناپاڪ ار??دن کي ناڪام بڻايو آهي. پنجاب پوليس جي ڪ??انڊر آءِ جي عثمان انور ۽ سندس پوري ٽيم کي مبارڪون ڏيان ٿو. محسن نقوي چيو ته پنجاب پوليس هميشه جرئت ۽ بهادري جي تاريخ رقم ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : گرم گرم