اسلام آباد- 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قائداعظم محمدعلي جناح ناممڪن کي ممڪن بڻايو، سندس اڻٿڪ محنت عيوض اسان کي پيارو وطن پاڪستان مليو، قائداعظم گهڻين صلاحيتن جو مالڪ هو جيڪو اتحاد، انصاف ۽ مساوات تي گهرو يقين رکندو هو، پاڪستاني جي حيثيت سان اسان جو فرض آهي ته اسان پنهنجي ??وم جي ترقي، خوشحالي ۽ اتحاد لاءِ اڻٿڪ محنت ڪريون. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ مان جاري بيان موجب قائداعظم محمدعلي جناح جي 148هين ج??م ڏڻ تي پنهنجي ??يغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ اسان پاڪستان جي باني جو 148هون ج??م ڏڻ ملهائي رهيا آهيون ۽ ان جي غير معمولي بصيرت، پُختي اِرادي ۽ همت ۽ بي مثال عزم جي ??اد تازي ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته قائداعظم اهو ڪري ڏيکاريو جنهن کي ڪيترائي ماڻهو ناممڪن سمجهندا هئا، سندس اڻٿڪ محنت عيوض اسان جو وطن پاڪستان وجود ۾ آيو، قائداعظم نادر صلاحيتن جو مالڪ ۽ اتحاد، انصاف ۽ مساوات تي پختو يقين رکندو هو. هن چيو ته سندس زندگي اڻ ڳڻ ماڻهن کي هڪ روشن خيال استاد، بصيرت رکندڙ وڪيل، اصولي ۽ ثابت قدم سياستدان ۽ ڪرشماتي اڳواڻ طور تي متاثر ڪندي آئي آهي. قائداعظم جي جدوجهد جو سفر يقين جي طاقت ۽ محنت ۽ لڳن ذريعي خوابن جي تعبير جو ثبوت آهي. قائداعظم هڪ ڀيرو چيو هو ته ”ناڪامي مون لاءِ اڻڄاڻ لفظ آهي.“ پنهنجي ??فظن مطابق هن پنهنجي عزم جي ??يروي ڪئي ۽ ن??ڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي ??سلمانن کي هڪ قوم بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ان لاءِ سندس حتمي مقصد جي حاصل ڪرڻ آڏو عنوانن ۽ تعريف جي حيثيت ثانوي آهي. هن چيو ته قائداعظم هڪ اهڙي پاڪستان جو خواب ڏٺو جتي بنا ڪنهن فرق جي ??ذهب ۽ نسل هر شهري عزت، آزادي ۽ مساوي جي ??وقعن سان زندگي بسر ڪري سگهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان لاءِ سندس ويزن شموليت، اتحاد ۽ خوشحالي جو هو. جڏهن اسان سندس سا??گر?? جو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون ته اچو قائداعظم جي ??يراث مان سبق حاصل ڪريون ۽ انهن قدرن لاءِ پنهنجي ??ابستگي جو ورجاءُ ڪريون جن لاءِ قائداعظم جدوجهد ڪئي. پاڪستاني طور اسان جو اهو فرض آهي ته اسان پنهنجي ??وم جي ترقي، خوشحالي ۽ اتحاد لاءِ اڻٿڪ محنت ڪريون.
قائداعظم محمدعلي جناح ناممڪن کي ممڪن بڻايو، سندس اڻٿڪ محنت عيوض اسان کي پيارو وطن پاڪستان مليو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی