اسلام آباد- 07 جنوري (اي پي پي) واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان 03 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ڏکڻ ڪو??يا پهچي ويو. واپار واري وزارت پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي ڏکڻ ڪو??يا پهچڻ تي پاڪستاني سفارتخاني، ٽي آءِ او ۽ پاڪستاني بزنس ايسو سي ايشن ڪو??يا ۽ ٻين اختيارين سندس استقبال ڪيو. وفاقي وزير پنهنجي ان دوري دوران پاڪستان ۽ ڪو??يا وچ ۾ اقتصادي شراڪتداري معاهدي تي معاهدا پڻ ٿيندا جنهن سان ٻه طرفو واپاري ڳاڻيٽو ٻيڻو ٿيڻ جي اميد آهي. واپار وارو وفاقي وزير ??وري دوران ڪوريا جي واپار واري وزير ۽ اتان جي اهم سيڙپڪارن سان پڻ ملاقاتون ڪندو ۽ ڪوريا جي صنعتي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت پڻ ڏيندو. ڪوريا جي بينڪ ڪي- ايگزم سان مالي سهڪار تي پڻ ڳالهيون ڪيون وينديون. وفاقي وزير ??ن موقعي تي ڪو??يا ۾ ترسيل پاڪستاني واپارين، ملازمن، پورهيتن ۽ ٻي برادري سان به ملاقاتون ڪندو.
واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان 03 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ڏکڻ ڪوريا پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت