واشنگٽن- 16 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته اسان لڳاتار اهو چوندا پيا اچون ته پا??ست??ن ۾ حڪومت جي تبديلي ۾ آمريڪا جي ڪردار جي حوالي سان الزامن ۾ ڪا به سچائي ناهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس روزاني جي بنياد تي ٿيل پريس بريفنگ دوران اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي حڪومت جو تختو او??ڌو ڪرڻ جي سازش ۾ بائيڊن انتظاميه جي مداخلت تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته آمريڪا پا??ست??ن سان پراڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، نيڊ پرائس عمران خان جي آمريڪا تي الزامن تان يوٽرين جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اهو ان بليم گيم جي حوالي سان تبصرو نه ڪندو، هن چيو ته جڏهن اهي الزام سامهون آيا ته اسان تڏهن کان لڳاتار چوندا پيا اچون ته ان ۾ ڪا به سچائي نه آهي، هن چيو ته اسان پا??ست??ن سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن ۽ سهڪار جو قدر ڪريون ٿا. اسان سدائين پا??ست??ن کي هڪ خوشحال ۽ جمهوري ملڪ طور ڏسڻ جا خواهشمند آهيون جيڪ?? اسان جي مفادن لاءِ گهڻو آهي ۽ ان موقف ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي. هن چيو ته الزامن جي اها راند ختم ٿئي يا نه ٿئي اسان ٻطرفن لاڳاپن ۾ پروپيگنڊا يا غلط معلومات کي رڪاوٽ نه بڻجڻ ڏينداسين ۽ پا??ست??ن سان لاڳاپا اسان جي لاءِ قابل قدر آهن. پا??ست??ن ۾ جيستائين سياسي پارٽين ۽ سياسي اڳواڻن جو تعلق آهي اسان جي ڪنهن هڪ سياسي پارٽي يا اڳواڻ طرفان ڪنهن ٻي سياسي پارٽي يا اڳواڻ جي حمايت جي حوالي سان ڪو موقف ناهي، اسان سڄي دنيا ۾ جمهوري، آئيني ۽ قانوني اصولن تي عملدرآمد جي حمايت ڪريون ٿا. آمريڪي ترجمان چيو ته اسان جي وچ ۾ سيڪيورٽي جي معاملن تي سهڪار موجود آهي جيڪو ٻنهي لاءِ گهڻو اهم آهي ڇاڪاڻ ته پا??ست??ن کي درپيش خطرا آمريڪا لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿا، اسان ان ڪم جو قدر ڪريون ٿا جيڪ?? اسان گڏجي ڪندا آهيون ۽ ان معاملي تي ان کان وڌيڪ ڳالهه نٿو ڪري سگهان.
پاڪستان سان پراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، پروپيگنڊا کي لاڳاپن ۾ رڪاوٽ بڻجڻ نه ڏينداسين: آمريڪي پرڏيهي کاتي جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر