واشنگٽن – 15نومبر (اي پي پي) آمريڪي ٽيڪنالوجي ڪمپني ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جي باني ايلون مسڪ گڏي?? قومن ۾ ايران جي سفير سان ملاقات ڪئي آهي. آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز ??نهنجي رپورٽ ۾ ٻن اي??ان?? اختيارين جو حوالو ڏيندي آمريڪي ارب پتي شخصيت ايلون مسڪ ۽ گڏي?? قومن ۾ ايران جي سفير امير سعيد ايراواني وچ ۾ ملاقات کي مثبت قرار ڏنو آهي. نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ??ي چونڊ مهم دوران س??دس ڀرپور حمايت کان پوءِ آمريڪي سياست ۾ ايلون مسڪ جي اثر و رسوخ ۾ اضافو ٿيو ۽ نئين چونڊيل صدر کيس پنهنجي انتظاميا ۾ اهم ڪردار ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. اخبار جو چوڻ آهي ته ايلون مسڪ ۽ اي??ان?? سفير ڳجهي هنڌ هڪ ڪلاڪ کان به وڌيڪ ملاقات ڪئي. نه ته ٽرمپ ??ي ٽيم ۽ نه ئي گڏي?? قومن ۾ اي??ان?? مشن ملاقات جي تصديق ڪئي، پر اي??ان?? عهديدارن پاران ان ملاقات جي تصديق مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڊونلڊٽرمپ ??يران سان س??ارتڪاري ۾ سنجيده آهي. پنهنجي گذريل صدارتي دور ۾ ڊونلڊ ٽرمپ ??يران جي ايٽمي پروگرام تي اڳ واري صدر باراڪ اوباما جي دور ۾ طئي ٿيل معاهدي کي ٽوڙي ڇڏيو هو، ان کان علاوه هن ايران تي پابندين ۾ اضافو ڪري وڌ کان وڌ دٻاءُ جي پاليسي تي عمل ڪيو هو.
آمريڪي ارب پتي ايلون مسڪ جي گڏيل قومن ۾ ايراني سفير سان ملاقات مثبت رهي: نيويارڪ ٽائمز
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا