لاهور – 27 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته موجوده حڪومت ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٽن سا??ن ۾ پاڪستان جي معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهاري ڇڏيو آهي، عمران خان موٽروي جون جيڪي خوبيون اڄ ٻڌايون اهي نواز شريف ڪيترائي سا?? اڳ ٻڌائي چڪو آهي. هو ايڪسپو سينٽر ۾ 16 هين عالمي ٽيڪسٽائيل ايشيا نمائش جي افتتاح جي موقعي تي صحاف??ن سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته ترقي ۽ خوشحالي جي حوالي سا?? 2016ع جو پاڪستان 2013ع ج?? پاڪستان کان ڪيترائي ڀيرا بهتر آهي ۽ 2018ع تائين وڌيڪ بهتر ٿيندو. هن چيو ته پهرين هڪ ڏينهن ۾ دهشتگردي جا ڪيترائي واقعا ٿيندا هئا هاڻي دهشتگردن جي چيلهه ٽٽي چڪي آهي، اسان دهشتگردي ??ي لعنت ک?? پاڙ کان پٽي ختم ڪرڻ جو پڪوپهه ڪيو آهي ۽ اهو ڏينهن جلد ايندو جڏهن پاڪستان محفوظ ملڪ بڻجي ويندو.
حڪومت ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري ڇڏيو آهي: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil