اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪشميرين جي خودمختياري واري حق لاءِ جدوجهد جي حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ??هي اسان آزادي جو ڏهاڙو بهادر ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار طور ملهائي رهيا آهيون، ڀارت امن جي پاليسي کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهي، جيڪڏهن اسان تي جنگ مڙهي وئي ته دنيا تي ان جا اثر پوندا، مذهبي جنونيت ڀارتي سيڪيولر معاشري جو چهرو بگاڙي رکيو ??هي، ان سلسلي ۾ انساني حقن جي عالمي ادارن جون رپورٽون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهن، قوم خاص طور تي نوجوان ڀارت طرفان ڪشميرين تي ظلم کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا جو ڀرپور استعمال ڪري، اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪنوينشن سينٽر ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي مرڪزي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر، ??فاقي وزير، ??ارليامينٽ جي ميمبرن سميت اهم شخصيتن، اعليٰ عملدار ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو و??ي تعداد ۾ موجود هئا.
ڀارت امن جي پاليسي کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهي:صدر
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا