نيويارڪ – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? چيو آهي ته جنگ سان مسئلن جي حل تي يقين نه ٿو رکان، ان سان جيڪڏهن هڪ مسئلو حل ٿئي ٿو ته ڪيترائي ٻيا مسئلا پيدا ٿين ٿا، سفارتڪاري ذريعي مسئلن کي حل ڪرڻ جي حق ۾ آهيان، گڏيل قومن ۾ ڪشمير جو ڪيس وڙهندس، صدر ٽرمپ سميت عالمي اڳواڻن سان ملاقات ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ چوندس، صدر ٽرمپ سان ملاقات دوران افغان امن عمل ٻيهر بحال ڪرڻ جي کيس قائل ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪندس، هندس??ان ۾ هندوبالادستي جو نظريو مهاتما گا??ڌي جي نظريي جو قتل آهي، اسلام رڳو هڪ ئي آهي ۽ اهو محمد صه جو اسلام آهي، جنهن ۾ سمورا انسان برابر حق رکن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو هڪ يه??دي مديني جي رياست جي سربراهه جي خلاف ڪيس ڪري سگهندو هو، چين ڪڏهن به پاڪس??ان جي پرڏيهي يا داخلي پاليسي ۾ مداخلت ناهي ڪئي. هو فارن ريليشن ڪائونسل جي بحث ۾ ڳالهائي رهيو هو.
جنگ سان مسئلن جي حل تي يقين نه ٿو رکان: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : bolão quina