ڪراچي – 10 آگسٽ (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ کان گهٽ ٿي ويو آهي پر معيشت جي ترقي سان ان تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، اس??ن کي روانگي واپار وڌائڻ، مني لانڊرنگ روڪڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني بئنڪنگ چئنل ذريعي پنهنجي رقم موڪلين، اس??ن پاڻ تي ڀاڙڻ جي رستي تي گامزن ٿي ويا آهيون، شپ لفٽ اينڊ ٽرانسفر سسٽم لڳڻ سان جهاز راني جي صنعت ترقي ڪندي ۽ معيشت کي فائدو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي شپ يارڊ ۾ شپ لفٽ اينڊ ٽرانسفر سسٽم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، وفاقي وزير اس?? عمر، زبيده جلال، علي زيدي به موجود هئا. وز??را??ظم چيو ته مون کي خوشي آهي ته ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ اس??ن اڳتي وڌي رهيا آهيون، پاڪستان 50 سال اڳ ترقي جي جنهن سفر تي گامزن هو بدقسمتي سان ان کانپوءِ جي سالن ۾ اها برقرار نه رکي سگهيو ۽ اس??ن پنهنجي پيرن تي بيهڻ، پاڻ تي ڀاڙڻ ۽ اڳتي وڌڻ بدران ٻين تي ڀاڙڻ شروع ڪري ڇڏيو، اس??ن پنهنجي قوت کي نه سڃاتو ۽ سهارا ڳولي ورتا. وز??را??ظم چيو ته جيڪي قومون مزاحمت نه ٿيون ڪن اهي ڪڏهن به پنهنجي پيرن تي نه ٿيون بيهي سگهن، مديني جي رياست جي اصولن تي جيڪا به قوم هلندي اها ترقي ۽ ڪاميابي ماڻيندي، نبي ڪريم ﷺ جي زندگي اس??ن جي لاءِ مشعل راهه آهي. پاڻ ﷺ غير ملڪي سربراهن کي خط لکيا ته انهن کان مدد نه گهري پر کين الله جو پيغام پهچايو ۽ خوددار قوم ٺاهي انساني تاريخ جي ڌارا بدلائي ڇڏي. پاڻ ﷺ جي جوڙيل قوم دنيا جي امامت ڪئي، وز??را??ظم چيو ته مون کي خوشي آهي ته اس??ن هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڪراچي شپ يارڊ ۾ سامونڊي جهازن جي مرمت جي نظام جي ترقي ۽ ٽيڪنالاجي جي اس??عمال سان ملڪ جو پئسو بچندو، جيڪو ڪم اس??ن کي اڳ ۾ ٻين ملڪن مان ڪرائڻو پوندو هو هاڻي اهو هتي ٿيندو. ان سان نه رڳو قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي پر اس??ن ٻين ملڪن کي به اها سهولت فراهم ڪنداسين. وز??را??ظم چيو ته ملڪ جي معيشت بهتري طرف گامزن ٿي چڪي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ کان گهٽ ٿي ويو آهي، هاڻي چئلينج اهو آهي ته جيئن جيئن معيشت بهتر ٿيندي ڪرنٽ اڪائونٽ تي دٻاءُ وڌندو. وز??را??ظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان منصوبي س??ن پاڪستان ڊالر ڪمائيندو، هن چيو ته حڪومت روانگي واپار وڌائڻ ۽ مني لانڊرنگ روڪڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. هن ٻاهرين ملڪ پاڪستانين تي زور ڏنو ته پنهنجو مٽاسٽا جو ناڻو بئڪنگ چئنل ذريعي موڪلين، هن چيو ته ماضي ۾ اقتدار ۾ رهندڙ ماڻهو پئسو چوري ڪري ٻاهر موڪليندا هئا اس??ن کي ان سلسلي کي روڪڻو آهي ۽ پاڻ ڀاڙڻ تي ڌيان ڏيڻو آهي ۽ اس??ن ان رستي تي گامزن ٿي چڪا آهيون.
پاڪستان ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena