اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تعليمي ادارا آن لائين تعليم جي فروغ لاءِ آءِ ٽي انفرااسٽرڪچر تي سيڙپڪاري ڪن، اعليٰ تعليمي ۽ ٽيڪنيڪي ادارن کي انساني وسيلا هنرمند بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو، ملڪي تعليمي ۽ باهنر انساني وسيلن جون ضرورتون پورو ڪرڻ لاءِ ڪميونٽي ڪاليجز جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگويج نمل اسلام آباد جي باري ۾ بريفنگ دوران چئي، هن چيو ته پاڪستان کي هنرمند افرادي قوت جي گهٽتائي درپيش آهي، دنيا آن لائين تعليم طرف وڌي چڪي آهي، تعليمي لاڳت گهٽ ڪرڻ لاءِ آن لائين تعليمي ماپو ۽ ورچوئل ڪلاسز جو تعداد وڌائڻي پوند??، صدر چيو ته يونيورسٽي ان??ظا??يه ختم ٿيندڙ ٻولين جي تحفظ ۽ بحالي لاءِ قدم کڻي، نمل جي ڊا??ريڪٽر ميجر جنرل (ر) محمد جعفر ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار جي باري ۾ بريفنگ ڏن??، صدر کي بريفنگ ۾ آگاهه ڪيو ويو ته شاگردن ۾ تنقيدي ۽ تجزياتي سوچ پيدا ڪرڻ لاءِ تدريس جو تصوراتي نقطه نظر متعارف ڪرائي رهيا آهيون، هن ٻڌايو ته هن وقت 22 هزار شاگرد يونيورسٽي جي مختلف شعبن ۾ تعليم هيٺ آهن، نمل ڊا??ريڪٽر آءِ ٽي جي بنيادي ڍانچي جي ترقي آءِ ٽي کي لينگويج سکڻ ۽ تر??مي ۾ مربوط ٺاهڻ سميت اعليٰ معيار جي تحقيق جي فروغ لاءِ قدمن تي روشني وڌي.
تعليمي ادارا آن لائين تعليم جي فروغ لاءِ آءِ ٽي انفرااسٽرڪچر تي سيڙپڪاري ڪن: صدر
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ