اوسته محمد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس ڇنڇر ڏينهن جعفرآباد ضلعي جي ٻوڏ سبب بري طرح متاثر علائقي ا??سته محمد جو دورو ڪيو. بلوچستان جي چ??ف سيڪريٽري وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي چوماسي جي تازين برساتن ۽ ٻوڏ، ٻوڏ کانپوءِ سموري صوبي ۾ امداد ۽ بحالي جي ڪوششن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي ٻڌايو ته بلوچستان ايراضي جي لحاظ کان پا??ست??ن جو سڀ کان وڏو صوبو آهي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ڏورانهن علائقن تائين پهچڻ ۾ مشڪلاتون درپيش آهن، هن ٻڌايو ته ٻوڏ سبب بنيادي ڍانچي، رستن ۽ رابطي جي پلن کي شديد نقصان پهتو آهي، وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي بحالي هڪ وڏو چئلينج آهي، وفاقي حڪومت رليف جي سرگرمين ۾ صوبائي حڪومت سان سهڪار ??ري رهي آهي تنهن هوندي به اي??ري وڏي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ عالمي برادري کي پا??ست??ن جي مدد لاءِ اڳتي اچڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته بلوچستان قدرتي وسيلن سان مالا مال صوبو آهي ۽ سندس حڪومت بلوچستان جي ترقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي. بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي ٻڌايو ته ريسڪيو، رليف ۽ بحالي جي ڪوششن لاءِ صوبائي حڪومت پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي. هن ٻوڏ متاثر ماڻهن جي ا??داد لاءِ عالمي برادري کان امداد جي ا??يل ڪئي، ان کان اڳ اوسته محمد پهچڻ تي بلوچستان جي وقتي گورنر ۽ وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو وزيراعظم ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو استقبال ڪيو. اي پي پي/ر – م/س – و 15:43
وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو ٻوڏ متاثر علائقي اوسته محمد جو دورو، چيف سيڪريٽري بلوچستان تفصيلي بريفنگ ڏني
مضمون کا ماخذ : apostas quina