شرم الشيخ – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جرمني سان واپار، سيڙپڪاري، ماحوليا??ي تبديلي ۽ قابل تجديد توانائي سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ جرمني کي مختلف شعبن ۾ نوجوانن کي موقعا ڏيڻ جي لاءِ وسيع تر تعاون ڪرڻ گهرجي. هن اها ڳالهه جرمني جي چانسلر اولاف شولز سان ماحولياتي سربراهه اجلاس ڪوپ – 27 جي موقعي تي ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ٻنهي اڳواڻ?? گڏيل لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ تعاون کي وڌائڻ جي امڪانن تي غور ڪيو. ملاقات دورا?? گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم جرمن عوام جي عزم کي ساراهيندي جرمني سان واپار، سيڙپڪاري، ماحوليا??ي تبديلي ۽ قابل تجديد توانائي سميت گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي نوجوان آبادي مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ جرمني کي مختلف شعبن ۾ نوجوانن کي موقعا ڏيڻ جي لاءِ وسيع تعاون ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم جرمني ??اران پاڪستان کي سالن کان ڏني ??يندڙ فني تربيت تي ٿورا مڃيندي ڄاڻ جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. هن يورپي يونين ۾ جي ايس پي پلس حيثيت جي لاءِ ??مايت تي جرمني جا ٿورا مڃيا جيڪو ٻنهي ملڪن جي لاءِ فائديمند آهي. وزيراعظم چيو ته حدت جو سبب بڻجندڙ گئسن جي اخراج ۾ گهٽ کان گهٽ ڪردار هجڻ جي باوجود پاڪستان ماحوليا??ي تبديلي جي نتيجي ۾ ايندڙ قدرتي آفتن کان سخت متاثر ٿي رهيو آهي. هن پاڪستان ۾ ماحوليا??ي تبديلي سان ايندڙ تازي ٻوڏ کانپوءِ ??رمني ??اران پاڪستان جي امداد تي جرمني جا ٿورا مڃيندي جرمن چانسلر کي حڪومت جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي منصوبن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ماحوليا??ي تبديلين جي مسئلي خاص طور تي ڪلائميٽ جسٽس ۽ انهن تبديلين جي نتيجي ۾ نقصان ۽ تباهي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪوپ – 27 کي دليراڻا فيصلا ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم خطي جي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان جرمني سميت غيرملڪي حڪومتن جي درخواست تي افغانستان مان انخلا جي لاءِ ??هولت فراهم ڪندو رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ انساني ۽ اقتصادي صورتحال جي ڏس ۾ عالمي برادري جي افغان عبوري حڪومت سان مسلسل ڳالهه ٻولهه انتهائي اهميت رکندڙ آهي. جرمن چانسلر افغانستان ۾ نمائنده حڪومت ۽ انساني حقن جي احترام جي پنهنجي موقف کي ورجايو. وزيراعظم جرمن چانسلر جو ڌيان ڀارت جي غيرقانوني ??بضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير طرف ڇڪرائيندي چيو ته ان جي نتيجي ۾ علائقائي امن ۽ استحڪام کي خطرو آهي.
پاڪستان ۽ جرمني کي مختلف شعبن ۾ نوجوانن کي موقعا ڏيڻ جي لاءِ وسيع تر تعاون ڪرڻ گهرجي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر