اسلام آباد– 30 – جنوري (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز شريف جي گادي واري شهر اسلام آباد سميت سڄي ملڪ ۾ تنظيمي دورن جي شيڊيول جو اعلان ڪيو ويو آهي. مسلم ليگ (ن) جي ترجمان ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب موجب مريم نواز پهرين فيبروري تي بهاولپور ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي جڏهن ته 2 فيبروري تي بهاولپور ۾ پارٽي جو تنظيمي اجلاس ٿ??ندو، 5 فيبروري تي ملتان ۾ پارٽي ڪنوينشن ۽ 6 فيبروري تي تنظيمي اجلاس منعقد ٿيندو، 9 فيبروري تي مريم نواز ايبٽ آباد ۾ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ۽ 10 فيبروري تي ايبٽ آباد ۾ پارٽي جو تنظيمي اجلاس ٿ??ندو، 15 فيبروري تي ڊيره غازي خان ۾ ڪنوينشن ۽ جلسي کي مريم نواز خطاب ڪندي ۽ 16 فيبروري تي ڊي جي خان ۾ پارٽي جي تنظيمي اجلاس جي صدارت ڪندي، 19 فيبروري تي ر??ول??نڊي ۾ ورڪرز ڪنوينشن ٿيندو، جڏهن ته 20 فيبروري تي تنظيمي اجلاس ٿ??ندو، 23 فيبروري تي مريم نواز شريف سرگوڌا ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ۽ 24 فيبروري تي مريم نواز سرگوڌا ۾ پارٽي تنظيمي اجلاس جي صدارت ڪندي، 27 فيبروري تي ساهيوال ۾ ورڪرز ڪنوينشن ٿيندو ۽ 28 فيبروري تي مريم نواز پارٽي جي تنظيمي اجلاس جي صدارت ڪندي، 3 م??رچ تي گوجرانوالا ۾ ڪنوينشن ۽ 4 م??رچ تي تنظيمي اجلاس ٿ??ندو، 7 م??رچ تي شيخوپوره ۾ ڪنوينشن ۽ 8 م??رچ تي پارٽي جو تنظيمي اجلاس ٿ??ندو، 11 م??رچ تي فيصل آباد ۾ مسلم ليگ (ن) جو ڪنوينشن ۽ 12 م??رچ تي پارٽي جو تنظيمي اجلاس ٿ??ندو، مريم نواز پشاور ۾ 15 م??رچ تي پارٽي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ۽ 16 م??رچ تي تنظيمي اجلاس ٿ??ندو. پارٽي ترجمان موجب لاهور ڊويزن ۾ 19 م??رچ تي ڪنوينشن ۽ 20 م??رچ تي تنظيمي اجلاس ٿ??ندو. مريم نواز شريف 23 م??رچ تي ڪوئيٽا ويندي ۽ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي، 24 م??رچ تي ڪوئيٽا ۾ مسلم ليگ (ن) جو تنظيمي اجلاس ٿ??ندو، ڪراچي ۾ ورڪرز ڪنوينشن 27 م??رچ تي ٿيندو، جڏهن ته 28 م??رچ تي پارٽي جو تنظيمي اجلاس ٿ??ندو. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري موجب مريم نواز 11 فيبروري تي اسلام آباد ۾ پارٽي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي جڏهن ته 12 فيبروري تي اسلام آباد جي تنظيمي اجلاس جي صدارت ڪندي.
مريم نواز شريف جي سڄي ملڪ ۾ تنظيمي دورن جي شيڊيول جو اعلان
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن