اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي)صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي، ته پاڪستان ڪش??يرين جي جائز مقصد لاءِ پنهنجي بنا فرق اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو، اڄ اسان ڪش??يري عوام جي ناقابل تنسيخ حق خوداراديت کي حاصل ڪرڻ لاءِ سندن جائز ۽ منصفاڻي جدوجهد لاءِ پاڪستان جي غير متزلزل حمايت جي اظهار ڪندي چيو ته اسان ڀارت جي غيرقانوني قبضي خلاف ڪش??يري ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڏهاڪن تي ٻڌل مزاحمت ۾ بي لوث قربانين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. عالمي برادري والاريل ڄمون ڪش??ير ۾ انساني حقن ??ي سنگين ۽ وڏي پئماني تي ڀڃڪڙين تي ڀارت کي جوابده قرار ڏيارڻ لاءِ عملي قدم کڻي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مطابق صدر مملڪت اهڙو اظهار ڪش??ير جي يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ آچر ڏهاڙي هي ڏينهن ڪش??يرين سان يڪجهتي طور ملهائي رهيا آهيون. هن چيو ته هي ڏينهن عالمي برادري جو ڌيان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن طرف ڇڪائڻ لاءِ ملهائيندا آهيون، صدر مملڪت چيو ته ڄمون ڪش??ير جي تڪرار جو حتمي فيصلو عوام جي مرضي موجب گڏيل قومن جي انتظام ه??ٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي راءِ شماري جي جمهوري طريقي سان ڪيو وڃي. گذريل 75 سالن کان ڀارتي قابض فوج غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪش??ير ۾ دهشتگردي جو راڄ مڙهي رکيو آهي، ۽ اتان جي عوام کي ڊيڄارڻ ۽ دٻائڻ لاءِ بدترين مهم شروع ڪري رکي آهي. هن چيو ته 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي هٿياربند اهلڪارن جي موجودگي خطي کي هڪ کليل جيل بڻائي ڇڏيو آهي. ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪش??ير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفن قدمن عالمي قانون، بشمول گڏيل قومن جي چارٽر، چوٿين جنيوا ڪنوينشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن جي هڪ کليل ڀڃڪڙي هئي. صدر مملڪت چيو ته ڀارت والاريل ڪش??ير جي آباديءَ جي ڍانچي ۾ مصنوعي تبديلين، سياسي انجنيئرنگ، مقامي ماڻهن جي معاشي پسماندگي ۽ ڪش??يري سڃاڻپ ۽ ثقافت تي حملن ذريعي انهن غيرقانوني قدمن کي وڌيڪ طاقت ڏيڻ جي مسلسل ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڀارت جو ظالماڻو رويو والاريل ڄمون ڪش??ير ۾ عدالت جي مٿانهين قتل، من پسند حراست، حراست دوران تشدد، جبري گمشدگين ۽ پيلٽ گنز جي استعمال مان ظاهر ٿئي ٿو. صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڀارت ميڊيا تي پابندي لڳائي رکي آهي ۽ ڪش??يري قيادت ۽ انساني حقن ??ي محافظن کي قيد ڪري رکيو آهي. انساني حقن ??ي ڪيترين ئي تنظيمن ۽ عالمي ميڊيا به ان ظلم ۽ ڏاڍ کي چڱيءَ ريت دستاويزي صورت ۾ اجاگر ڪيو آهي. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن پاڪستان ڀارت کان مطالبو ڪري ٿو ته اهو گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي مبصرن، عالمي ميڊيا ۽ انساني حقن ??ي تنظيمن کي غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪش??ير تائين بنا رنڊڪ جي رسائي ڏئي ته جيئن اهي اتان جي صورتحال بابت درست معلومات حاصل ڪري سگهن، انساني حقن ??ي ڀڃڪڙين جي تحقيقات ۽ انهن کي رپورٽ ڪري سگهن. صدر مملڪت چيو ته پاڪستان علمي برادري ۽ تنظيمن تي زور ڀري ٿو ته اهي والاريل ڄمون ڪش??ير ۾ انساني حقن ??ي سنگين ۽ وسيع پيماني تي ڀڃڪڙين تي ڀارت کي جوابده بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻي. هن چيو ته پاڪستان لڳاتار ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته ڄمون ڪش??ير تڪرار جو جٽادار حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن ۽ ڪش??يري عوام جي خواهشن موجب ئي ممڪن آهي. پاڪستان ان جائز مقصد لاءِ پنهنجي بنا فرق جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.
پاڪستان ڪشميرين جي جائز مقصد لاءِ پنهنجي بنا فرق اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو، اسان ڪشميرين سان ايڪتا لاءِ يوم يڪجهتي ڪشمير ملهائي رهيا آهيون: صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania