اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪ??ر اسد مجيد خان آذربائيجان جو دورو مڪمل ڪري ورتو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو ۾ ڌرين گهڻ رخي ۽ تاريخي لاڳاپن جو جا??زو ورتو. هنن اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جو انگ وڌيڪ وڌائڻ ۽ سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻا??ڻ جي لاءِ موجوده اداراجاتي ميڪانزم کي بهترين طريقي سان استعمال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻطرفي واپار کي وڌائڻ ۽ توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، افرادي قوت، زراعت، ٽرانسپورٽ رابطن ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻئي طرف پاڪستان ۽ جا??جيا جي ٻطرفي سياسي مشاورت جو افتتاحي اجلاس تبليسي ۾ منعقد ٿي رهيو آهي. ڳالهه ٻولهه ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪ??ر اسد مجيد خان ۽ جا??جيا جو نائب پرڏيهي وزير اليگزينڊر خوتيشيا شويلي لاڳاپيل ڌرين جي قيادت ڪري رهيا آهن. ايجنڊا ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، سياحت، تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عا??مي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ شامل آهي.
پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان آذربائيجان جو دورو مڪمل ڪري ورتو: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری