اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي وي پشاور سينٽر جي علائقائي نش??يات هفتي جا 7 ڏينهن 24 ڪلاڪ جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پي ٽي وي پشاور سينٽر جي علائقائي نش??يات خي??رپختونخواهه جي سمورين علائقائي زبانن ۾ دستياب آهي، اها نش??يات سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ سيٽلائيٽ ذريعي پهچ جوڳي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهو قدم پي ٽي وي نيشنل قائم ڪرڻ کانپوءِ خي??رپختونخواهه جي عوام جي پراڻي مطالبي جي تڪميل آهي. ان نش??يات سان مقامي مسئلن جي حل ۽ خي??رپختونخواهه جي متحرڪ ثقافت ۽ ورثي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ معلومات، تعليم ۽ انفوٽينمنٽ ڪانٽينٽ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم دستياب هوندو. ان سان مقامي ميڊيا ايڪو سسٽم جي تياري ۾ پڻ مدد ملندي جيڪو مقامي ڪميونٽيز جي مفادن جي لاءِ بهتر طريقي ??ان خدمتون سرانجام ڏيندو.
پي ٽي وي پشاور سينٽر جي علائقائي نشريات خيبرپختونخواهه جي سمورين علائقائي زبانن ۾ دستياب آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس