اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميڊيڪل ڪاليجز جي انٽري ٽيسٽ بابت ش??گر??ن جا مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت قومي اسيمبلي ميمبر زهره ودود ??اطمي سان ملاقات دوران ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب زهره ودود ??اطمي کيس وزيراعظم جي بااختيار عورتن بابت خصوصي قدم جاري ڪرڻ ت?? خراج تحسين پيش ڪيو. زهره ودود ??اطمي وزيراعظم جي يوٿ پروگرام تحت پاڪستان جي باصلاحيت نوجوانن جي لاءِ ليپ ٽاپس، وظيفن، بنا وياج قرضن ۽ انٽر پرينيورشپ جا پروگرام جاري ڪرڻ ت?? پڻ مبارڪباد ڏني. زهره ودود ??اطمي وزيراعظم کي ميڊيڪل ڪاليجز جي انٽري ٽيسٽ (ايم ڊي ڪيٽ) بابت مسئلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي (ايم ڊي ڪيٽ) ش??گر??ن جي سمورن مسئلن کي جلد حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha