اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ري??ت واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن کي وقت سر منع??د ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال سميت ايندڙ چونڊن جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي مولانا فضل الرحمان جي سَسُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊون وقت سر منع??د ڪرائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، نگران حڪومت جي ذميواري آهي ته سمورين سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪري. هن چيو ته اليڪشن ڪمي??ن آزاد ۽ خودمختيار ادارو آهي، اسان خوشگوار ۽ پرامن ماحول ۾ چونڊون منع??د ڪرڻ کي ممڪن بڻائڻ چاهيون ٿا. مولانا فضل الرحمان معاشي مسئلن جي حل لاءِ نگران حڪومت جي قدمن کي ساراهيو ۽ چونڊ عمل ۾ پنهنجي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو.
نگران حڪومت آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن کي وقت سر منعقد ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha