ابوظهبي – 28 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??بوظهبي ۾ قومي ۽ ثقافتي تاريخي جڳهه وحت الڪرامه جو دورو ڪيو. وحت الڪرامه گڏيل ??رب امارات جي انهن هيروز جي قربانين جي ياد ۾ تعمير ڪيو ويو آهي جن پنهنجي ملڪ جي خدمت ۾ پنهنجون جانيون نڇاور ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گڏيل ??رب امارات پريزيڊنٽ ڪورٽ ۾ شهيدن جي خاندانن جي معاملن واري آفيس جي چي??رم??ن شيخ طيب بن محمد بن زيدالنهيان نگران وزيراعظم جو استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم گارڊ آف آرنر جي پروقار تقريب ۾ شرڪت ڪئي. بعد ۾ نگران وزيراعظم شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي. اها يادگار گڏيل ??رب امارات جي قيادت، عوام ۽ بهادر فوجين جي وچ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي جي علامت آهي ۽ 31 پينلز تي ٻڌل آهي. نگران وزيراعظم وحت الڪرامه جو تفصيلي دورو ڪيو جتي کيس يادگا?? بابت بريفنگ ڏني وئي. دوري جي پڄاڻي تي نگران وزيراعظم مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر نوٽ ڪيا، جنهن ۾ گڏيل ??رب امارات جي بهادر شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. وحت الڪرامه گڏيل ??رب امارات جي گادي واري شهر ابوظهبي ۾ هڪ قومي ۽ ثقافتي نشان آهي، جيڪو گڏيل ??رب امارات جي شهيدنجي بهادراڻي ق??من ۽ يو اي اي جي دفاع ۾ انهن جي قربانين جي ياد ۾ قائم ڪيو ويو هو.
نگران وزيراعظم جو ابوظهبي ۾ قومي ۽ ثقافتي تاريخي جڳهه وحت الڪرامه جو دورو
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا