اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڪو به انسان ڊس ايبل نه آهي، قدرت انسانيت کي لامحدود صلاحيتن سان نوازيو آهي، خصوصي ماڻهو به ووٽ جو حق رکن ٿا، سياسي پارٽين کي چونڊ منشور ۾ خصوصي ماڻهن ??ي لاءِ پروگرام پيش ڪرڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل پريس ڪلب ۾ پاڪستان ڊس ايبل فائونڊيشن جي ??هتمام هيٺ خصوصي ماڻهن ??ي لاءِ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ڪو به انسان مع??ور نه آهي، قدرت انسانيت کي لامحدود صلاحيتن سان نوازيو آهي، جيڪي ماڻهو اکين کان ڏسي نه ٿا سگهن ??هي دل جي ??وشني سان تمام گهڻو ڪجهه ڏسي سگهن ٿا. هن چيو ته اسان کي معاشري جي ??صوصي ماڻهن ??ي ضرورتن جو خيال رکڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته دنيا جي ??مورن ترقي يافته ملڪن ۾ خصوصي ماڻهن ??ي ضرورت جو خيال رکيو وڃي ٿو ڇو ته سمورن ماڻهن کي برابر حق حاصل آهن. هن ??مريڪا جو مثال ڏيندي چيو ته آمريڪا جي هر رستي ۽ چوڪ تي رستن جي ??عمير جي ??ندر اهڙي طرح سان ڪٽ هنيو وڃي ٿو جو ڪو ماڻهو وهيل چيئر تي آساني سان گذري سگهي پر بدقسمتي سان اسان وٽ بلڊنگ ڪوڊز ۾ انهن ??ين جو خيال نه ٿو رکيو وڃي. هن چيو ته خصوصي ماڻهن ??ي حقن جي لاءِ قانونسازي جي ??رورت آهي ۽ قانونسازي چونڊيل نمائندا ڪندا آهن. نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊن کان ڪجهه هفتا اڳ خصوصي ماڻهن ??ي تقريب منعقد ٿي رهي آهي، وڏيون سياسي پارٽيون منشورسازي ۾ مصروف آهن ۽ اهي نقطن جي ??ورت ۾ پنهنجا پروگرام ڏئي رهيون آهن. سياسي پارٽين کي خصوصي ماڻهن ??ي ڀلائي لاءِ قدمن کي پنهنجي منشور ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته خصوصي ماڻهن وٽ ووٽ جو حق آهي، اهي سياسي پارٽين جي قيادت آڏو پنهنجا جائز مطالبا پيش ڪن ۽ انهن پارٽين کي ووٽ ڏين جيڪي انهن ??ا مطالبا پورا ڪن.
ڪو به انسان ڊس ايبل نه آهي، قدرت انسانيت کي لامحدود صلاحيتن سان نوازيو آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم