اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ايران جي شهر راسڪ ۽ چابهار ۾ پوليس ۽ سيڪيورٽي ٺڪاڻن تي ٿيندڙ ڪڌي ۽ وحشياڻي دهشتگرد حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترج??ان جاري هڪ بيان ۾ چيو ته اسان مت??ثر??ن جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ڪريون ٿا ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ايران جي عوام ۽ حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. ترج??ان چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو، اسان کي هن خطي ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ ڪاررواين تي گهري ڳڻتي آهي، اه?? هڪ علائقائي ۽ عالمي خطرو آهي جنهن جي لاءِ پرعزم ردعمل جي ضرورت آهي.
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada