اسلام ??باد – 30 – آگسٽ (اي پي پي) ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي جي رابطا گروپ جو اجلاس ڪيمرون جي شهر يائونڊي ۾ او آءِ سي ڪائونسل آف پرڏيهي وزيرن جي 50 هين اجلاس جي موقعي تي منعقد ٿيو، اجلاس جي صدارت او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسي?? ابراهيم طحيٰ ڪئي، پاڪستاني وفد پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي جي قيادت ۾ شريڪ ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسي?? ابراهيم طحيٰ جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ سعدوي عرب، ترڪيه، نائجير، آذربائيجان، او آءِ سي جي آزاد مستقل انساني حقن واري ڪميشن (آءِ پي ايڇ آر سي) ۽ ڪشميري عو??م جي حقيقي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري رابطا گروپ کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي سنگين صورتحال کان آگاهه ڪيو. هن سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي خلاف ورزي ۽ قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي قبضي کي مستحڪم ڪرڻ جي ڀارت جي ڪوششن جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ ڌمڪي ۽ خوف جو ماحول پيدا ڪرڻ به شامل آهي. هن ڀارت تي زور ڏنو ته هو پنهنجي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪري، ڪالعدم سياسي پارٽين تان پابنديون هٽائي، 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي ختم ڪري ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي. رابطا گروپ ڪشميري عو??م جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو جنهن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عو??م جي امنگن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي جلد ۽ پ??امن حل تي زور ڏنو ويو آهي. رابطا گروپ متفقه طور تي هڪ گڏيل پڌرنامو پڻ منظور ڪيو جنهن ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪ??م جو دارومدار ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عو??م جي امنگن موجب حتمي حل سان لڳاپيل آهي.
او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي صدارت ۾ ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي جي رابطا گروپ جو اجلاس ڪيمرون جي شهر يائونڊي ۾ منعقد، پاڪستاني وفد جي شرڪت
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن