اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??يڪ??يٽري عنبرين جان کي پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي اضافي چارج ڏئي ڇڏي. ڪابينا ??يڪ??يٽريٽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران جاري ٿيندڙ نوٽيفڪيشن موجب پاڪستان حڪومت سول سرونٽس اي??ٽ 1973ع جي شق 10 تحت اطلاعات واري وفاقي ??يڪ??يٽري عنبرين جان کي پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي عهدي جي اضافي چارج ٽن مهينن جي مدي يا ريگيولر مقرري تائين ڏني وئي آهي. عنبرين جان هن وقت اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??يڪ??يٽري جي حيثيت س??ن فرض سرانجام ڏئي رهي آهي. چارج سنڀالڻ کانپوءِ اطلاعات واري وفاقي ??يڪ??يٽري ۽ ايم ڊي پي ٽي وي عنبرين جان پي ٽي وي ۾ ضابطن جي خلاف ڀرتين جي جاچ شروع ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. 12 رٽائرڊ ملازمن جي ٻيهر ملازمت ختم ٿيڻ کانپوءِ ٻين ملازمن جي ڊگرين جي تصديق جو عمل پڻ شروع ڪرڻ جي هدايت ??ري ڇڏي آهي.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان کي پي ٽي وي جي ايم ڊي جي اضافي چارج ڏني وئي
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania