لاهور- 22 نومبر (اي پي پي) پاڪستا?? فلم انڊيسٽري جي چاڪليٽي هيرو وح??د مراد جي 41 هين ورسي 23 نومبر تي ملهائي ويندي. ان سلسلي ۾ فلمي طبقن ۽ سندس مداحن طرفان مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون. وح??د مراد 2 آڪٽوبر 1938ع تي ڪراچي ۾ نثار مراد جي گهر پيدا ٿ??و. وح??د مراد پاڪستاني فلم انڊيسٽري جو اسٽائلش هيرو هو. اداڪار طورتي سندس انداز ۽ گانن جي پڪچرائزيشن تحسين جوڳي هئي، جنهن کي ڀارت جي فلم انڊسٽري ۾ به نقل ڪيو ويندو هو. ه?? فلم ساز طورتي پڻ خدمتون انجام ڏنيون. فلم ساز طورتي سندس 2 فلمون انسان بدلتا هي ۽ جب سي تمهين ديکا هي رڪارڊ بزنس ڪيو. انه?? فلمن جي ڪري وح??د مراد شهرت جي بلندين تي پهچي ويو. وح??د مراد جي بهتري?? فلمن ۾ هيرا اور پٿر، بهارو ڦول برسائو، مستانه، ماهي، ??ني?? ثريا بوپالي، ديور ڀاڀي، انجمن، سالگره ۽ ارمان نمايان آهن. وح??د مراد جي آخري فلم هيرو هئي جيڪا سندس وفات بعد 1985ع ۾ ريليز ٿي. وح??د مراد 23 نومبر 1983ع تي دل جو دورو پوڻ سبب 45 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
وحيد مراد جي 41 هين ورسي 23 نومبر تي ملهائي ويندي
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria