راولپنڊي-05 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جي اڳوڻي سربراهه ايڊمرل يسطور الحق ملڪ کي لاهور ۾ فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۾ هٿياربند فوج جي رٽائرڊ ۽ حاضر سروس آفيسرن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. صدر، وز??را??ظم، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي?? هٿياربند فوج جي سربراهن ۽ نيوي جي آفيسرن ۽ ج??انن پاران ايڊمرل يسطور الحق ملڪ جي قبر تي گل رکيا ويا. آءِ ايس پي آر موجب ايڊمرل يسطور الحق ملڪ 1954ع ۾ نيوي ۾ ڪميشن حاصل ڪئي، هن 1965ع ۽ 1971ع وارين پاڪ – ڀارت جنگين ۾ حصو ورتو. مرحوم 1988ع کان 1991ع تائين پاڪ بحريه جو سربراهه رهيو. مرحوم نيول چيف بطور ڪمانڊر پ??ڪستان فليٽ، وائيس چيف آف دي نيول اسٽاف ۽ چيئرمين پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جا به فرض سرانجام ڏنا.
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha