اسلام آباد-23 ڊسمبر (اي پي پي) قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۾ ڪرسمس جي ??وقعي تي مسيحي برادريءَ سان يڪجهتيءَ جي اظهاءِ لاءِ ڪالهه خصوصي تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب جو خاص مهمان اي پي پي جو ايم ڊي محمد عاصم کچي هو. ان موقعي تي مسيحي برادري جي خوشين ۾ شريڪ ٿيندي ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. تقريب ۾ اي پي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سبين خان خٽڪ، ڊائريڪٽر نيوز شمائله عنديب، ڊائريڪٽر اردو نيوز سروس عبدالجبار زڪريا، ڊائريڪٽر وڊيو نيوز سروس رب نواز باجوه، ڊائريڪٽر ڪورٽ اينڊ ڪرائيم مح??د رشيد ملڪ، ڊائريڪٽر ايڇ آر فارينه مغل، مختلف شعبن جي سربراهن ۽ اي پي پي ايمپلائيز يونين جي صدر ملڪ خضر ??مان ۽ سيڪريٽري محمد نديم اقبال، اي پي پي جي صحافين، ورڪرن ۽ مسيحي برادري سان تعلق رکندڙ ملازمن ڀرپو?? شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايم ڊي تقريب کي خطاب ڪندي مسيحي برادري کي ڪرسمس جون مبارڪون ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ اقليتي برادريءَ کي مڪمل آئيني ۽ قانوني حق حاصل آهن ۽ مسلمانن سميت ٻين م??هب?? جا ماڻهو به ڪرسمس جي خوشين ۾ شريڪ ٿي دنيا کي پيغام ڏئي رهيا آهن ته پاڪستان ۾ سمورن م??هب?? ۾ ڀرپور هم آهنگي آهي ۽ اقليتن کي مڪمل آزادي حاصل آهي. هن چيو ته ڪرسمس جي ??وقعي تي اسان مسيحي برادريءَ جي خوشين ۾ برابر جا شريڪ آهيون. خوشيءَ جي ان موقعي تي اداري طرفان مسيحي ملازمن جي الائونس ۾ به واڌ ڪئي وئي.
اي پي پي ۾ ڪرسمس جي موقعي تي مسيحي برادريءَ سان يڪجهتيءَ جي اظهاءِ لاءِ خصوصي تقريب
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ