اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ٻن مهينن ۾ 7482 ڪيس اُڪلايا. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي رجسٽرار آفيس مان جاري پڌرائيءَ مطابق چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ 28 آڪٽوبر 2024ع کان 3 جنوري 2025ع تائين ڪيسن کي تيز رفتاريءَ سان اُڪلائيندي 7482 ڪيس اُڪلائي ڇڏيا، جڏهن ته ان وقت دوران 2950 نوان ڪيس داخل ڪيا. اهي ڪاميابيون ڪيس لوڊ مئنيجمينٽ، وسيلن آهر ۽ مناسب ان??اني وسيلن جي نئين ??ر جوڙجڪ جي نتيجي ۾ ٿيون. چيف جسٽس ۽ ٻين ??جن ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي آهي ته ملڪ جي اعليٰ ترين ??دالت عوام جي ضرورتن کي پورو ڪندي رهي. چيف جسٽس عدليه جي ڪارڪردگي ۽ شفافيت کي وڌائڻ لاءِ عدالتي سڌارن تي ڀرپور زور ڀريو آهي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته اي??وانسڊ آءِ ٽي سسٽمز کي ان??ظامي ورڪ فلو کي هموار ڪرڻ، ڪيس ٽريڪنگ کي بهتر بڻائڻ ۽ تيز ترين فيصلا سازي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ مربوط ڪيو پيو وڃي ۽ اِي حلف نامو ۽ فوري تصديقي ڪاپيون متعارف ڪر??ئي اصيلن جي سهولت تي ڌيان ڏيندي ڪيس مئنيجمينٽ جي عمل ۾ بهتري آندي پئي وڃي. ڌُرين ??اص طور تي ليگل پريٽڪشنرز، مدعي ۽ سول سوسائٽي جي ت??ظي??ن کان فيڊ بيڪ گڏ ڪرڻ جو طريقيڪار متعارف ڪر??يو ويو آهي. انهن قدمن جو مقصد عدليه کي وڌيڪ جوابدار، رسائي جوڳو ۽ عوام جي ضرورتن لاءِ جوابداه بڻائڻ آهي. ضلعي عدليه جي اهم ڪر??ار کي قانوني چاره جوئي لاءِ رابطي جو پهريون هنڌ تسليم ڪندي چيف جسٽس پاڻ سڄي ملڪ جي ڏورانهن ضلعن جو دؤرو ڪيو. انهن دؤرن جو مقصد هيٺين ??طح تي ان??اف جي فراهمي جي حالت جو جائزو وٺڻ، ضلعي عدالتن جي درپيش چئلينجز جي نشاندهي ڪرڻ ۽ سندن ڪارڪردگيءَ کي وڌائڻ جي طريقيڪار کي ڳولڻ هو. ضلعي عدليه نه رڳو عدليه جي نطام جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي پر عدليه تي عوام جي اعتماد ۽ ان جي جوڙجڪ ۾ به اهم ڪر??ار ادا ڪري ٿي. ان جي صلاحيت کي بهتر بڻائڻ، وسيلن ۾ فرق کي ختم ڪرڻ ۽ سمورن شهرين لاءِ ان??اف تائين ??رابر رسائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ 2 مهينن دوران 7482 ڪيس اُڪلايا
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز