گڏيل قومون-16 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي صحت بابت اداري (ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن) جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس ازهانوم گيبريئس چيو آهي ته غزه جي شفا اسپتال تي اسرائيلي ??وجي حملي جي خبر انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، اسپتال ميدان جنگ ناهي، سوشل ميڊ??ا پليٽ فارم ايڪس تي اسرائيلي ??وجين جي شفا اسپتال تي حملي جي مذمت ڪندي هن چيو ته اسان طبي ??مل?? ۽ مريضن جي حفاظت بابت فڪرمند آهيون ڇاڪاڻ ته اسپتال جي ??مل?? سان سندن رابطو ٻيهر ختم ٿي ويو آهي. ٻئي طرف گڏيل قومن جي انساني معاملن ۽ هنگامي امداد بابت انڊر سيڪريٽري جنرل مارٽن گريفٿس ايڪس تي جاري پوسٽ ۾ چيو ته هو شفا اسپتال (غزه ۾) تي فوجي حملي سان ڊنل آهن، اسپتال ميدان جنگ ناهي، هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته تازا ڄاول ٻار، مريض، طبي ??مل?? ۽ سمورن شهرين جي تحفظ کي ٻين سمورن خدشن تي ترجيح ڏيڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری