??ڏي?? قومون-16 نومبر (اي پي پي) ??ڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل غزه ۾ جاري جنگ ۾ انساني همدردي جي بنياد تي ڊگهي مدي واري وقفي ۽ غزه جي پٽي ۾ امداد جي فراهمي جي مطالبي تي ٻڌل قرارداد منظور ڪري ورتي، جڏهن ته اسرائيل ان قرارداد کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ان قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته غزه ۾ انساني بنيادن تي جنگ ۾ ڊگهي مدي وارا وقفا ڪيا وڃن ۽ غزه جي پٽي ۾ ڪيترن ئي ڏينهن ت??ئين انساني امداد جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، عام شهرين خاص طور تي ٻارن جي حفاظت ۽ يرغمالين ??ي غير مشروط طور آزاد ڪيو وڃي. قرارداد ۾ ڌرين ??ان عالمي قانونن جي پاسداري جو مطالبو ڪيو ويو آهي، هي قرارداد مالٽا طرفان پيش ڪئي وئي آهي جنهن جي حق ۾ سلامتي ڪائونسل جي 15 مان 12 ميمبر ملڪن ووٽ ڏنو، مخالفت ۾ ڪنهن به ووٽ ناهي ڏنو جڏهن ته 3 مستقل ميمبرن آمريڪا، برطانيه ۽ روس راءِ شماري ۾ حصو نه ورتو. اسرائيل ??ڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل طرفان غزه ۾ جاري اسرائيلي فوج جي ڪاررواين ۾ انساني همدردي جي بنياد تي ڊگهي وقفي جي قرارداد رد ڪري ڇڏي آهي، ??ڏي?? قومن ۾ اسرائيل جي نمائندي گيلار د??رد??ن هڪ بيان ۾ چيو ته ان قرارداد جو حقيقت سان ڪو به تعلقي ناهي ۽ هي بي معنيٰ آهي.اسرائيلي سفير چيو ته سندن ملڪ عالمي قانون موجب ڪم جاري رکندو.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غزه ۾ جاري جنگ ۾ ڊگهي مدي واري وقفي ۽ انساني امداد جي پهچ کي يقيني بڻائڻ جي قرارداد منظور، اسرائيل قرارداد رد ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری