بيروت _ 29 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا سميت نيٽو جي ڪيترن ميمبر ملڪن لبنان ۾ موجود پنهنجن شهرين کي چيو آهي ته اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ امڪاني طور تي ڀرپور جنگ کي نظر ۾ رکندي فوري طورتي ملڪ ڇڏي ڏين. ڇنڇر تي ا??رائيل جي قبضي هيٺ گولان جي جبلن واري شهر مجدان شمس ۾ راڪيٽ حملي ۾ 12 ماڻهن مارجي وڃڻ بعد خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي ويو آهي. اسرائيلي ڊيفنس فورسز دعوى ڪئي آ??ي ته اهو ايران?? ساخت جو ميزائل هو جنهن کي حزب الله ڏکڻ لبنان مان فائر ڪيو هو پر حزب الله ان حملي ۾ ملوث ٿيڻ کان انڪار ڪيو. بيروت ۾ آمريڪي سفا??تخ??ني طرفان جاري ايڊوائزري ۾ آمريڪي شهرين تي زور ڏنو ويو آهي ته هو لبنان جي سفر تي سخت?? سان نظر ثاني ڪن ڇو جو ملڪ ۾ سيڪيورٽي صورتحال خراب ٿي وئي آ??ي ۽ تيز?? سان تبديل ٿي سگهي ٿي.
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز