اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو آئين ۽ قانون موجب هوندو، اسان کي قياس آرائين کان پاسو ڪرڻ گهرجي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف پاناما پيپرز ۾ پنهنجو نا??و ڪٿي به ??وجود نه هجڻ جي باوجود پاڻ سپريم ڪورٽ کي ان معاملي جي جاچ جي لاءِ خط لکيو ۽ پوءِ سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي ٽن نسلن جو حساب ۽ پنهنجي مرحوم وا??د جو پڻ جواب ڏنو ۽ ان ڪيس بابت سمورا دستاويز به عدالت ۾ پيش ڪيا ته جيئن اڇا ڪارا پڌرا ٿي پون. جڏهن ته مٿس الزام هڻندڙ ۽ ڪوڙ ڳالهائي پاناما جو ڪيس ٺاهيندڙ ته سواءِ پڪوڙن جي ڪاغذن جي هڪ ب?? ٺوس ثبوت عدالت ۾ پيش نه ڪري سگهيا.
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے