اسلام آباد – 04 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته گذريل چئن سالن ۾ پاڪستان جي اقتصادي صورتحال ۾ نمايان بهتري آئي آهي جنهن جو عالمي سطح تي اعتراف ڪيو ويو آهي. هن اها ڳالهه چين جي ه??ان?? گروپ جي چيئرمين چاوپائي چي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ڪمپني جي عهديدارن جي وفد سان گڏ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. پاڪستان ۾ چين جو سفير سن وي ڊونگ پڻ ملاقات ۾ موجود هو. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪند?? ان کي ٻڌايو ته ايم ايس سي آءِ پاران پاڪستان کي اڀرندڙ مارڪيٽ جو درجو ڏيڻ ملڪ جي اقتصادي ترقي ۽ صلاحيت جي اعتراف جو عڪاس آهي. هن چيو ته پاڪستان جي اسٽاڪ ايڪسچينج کي ايشيا ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ اسٽاڪ مارڪيٽ قرار ڏنو ويو جيڪا ن??ايان پرڏيهي سيڙپڪاري راغب ڪري رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر