اسلام آباد – 14 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته بدعنواني کان پاڪ ۽ شفاف ۽ آزاداڻيون چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي چونڊن ۾ ٿيل ه??رس ٽريڊنگ جي جاچ ڪري ۽ ??وٽ جي تقدس کي پائمال ڪندڙن ک?? سزا ڏي، سينيٽ جي چونڊن ۾ ج??ڪو تماشو لڳو اهو سڄي قوم ڏٺو آهي، عام چونڊن ۾ پاڪستان جي عوام انهن ک?? رد ڪري. سينيٽ اليڪشن ۾ ه??رس ٽريڊنگ جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته ان حوالي سان جاچ ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 218 جي ذيلي شق 3 اليڪشن ڪميشن ک?? اهو به اختيار ڏي ٿي ته هو بدعنواني کان پاڪ شفاف ۽ آزاداڻي چونڊن ک?? يقيني بڻائي.
مضمون کا ماخذ : راکی